ٿڌارام ڪيولرام سامتاڻي

ٿڌارام ڪيولرام سامتاڻي: ٿڌارام ڪيولرام سامتاڻي، تاريخ 16 اپريل 1946ع تي گمبٽ، سنڌ ۾ ڄائو. اديب، شاعر ۽ سٺو ناول نويس آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”پيار هڪ تڙڦ“ (1970ع)، ”سنگم ٻن دلين جو“ (1974ع)، ”پيار جي هڪ شام“ (1977ع) ۽ ”دلهن هڪ رات جي“ (1979ع). شامل آهن. ان کان سواءِ 100 کان مٿي ڪهاڻيون ۽ ڪجهه گيت به لکيا اٿس، جيڪي ”ڀارت جيون“، ”زندگي“ ۽ ”سنڌي گلشن“ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن وقت ڀارت ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو